Tuesday, July 21, 2009

KEENJHAR LAKE

نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي محبت جي داستان سان لاڳاپيل ٺٽي ضلعي ۾ واقع ڪينجهر ڍنڍ اڄ به ذهني پيڙائن ۾ مبتلا هزارين ماڻهن لاءِ وقتي سک ۽ سڪون جو باعث آهي. هڪ محتاط اندازي مطابق هر هفتي جي موڪل واري ڏينهن تي سنڌ جي ڏورانهن علائقن سميت ڪراچي مان هزارين ماڻهو جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي هوندي آهي، تفريح جي خيال سان ٺٽي جي هن ڍنڍ تي ڪهي اچن ٿا. ٺٽو ضلعو جيڪو قديم آثارن، ايشيا جي مشهور تاريخي قبرستان مڪلي، سونڊا، ڀنڀور ۽ دنيا جي رامسر سائيڊس جن ۾ ڪينجهر به شامل آهي ۽ سئو قبن واري شاهجهان مسجد جو هنڌ آهي اتي هر مهيني تقريبن 25 کان 30 هزار ماڻهو هر هفتي واري موڪل تي خصوصن ڪراچي کان هتي پهچن ٿا. ٺٽي کان 25 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قدرتي طور تي ٺهيل نيري پاڻي جي تاريخي ماڳ ڪينجهر ۽ سونهري ڍنڍ کي 1958 ۾ گڏي هڪ وڏي ڍنڍ ۾ تبديل ڪيو ويو، جيڪا اوڀر ۾ جهمپير جي جابلو پٽي تائين لڳي ٿي، اها ڍنڍ پنهنجي قدرتي حسن سبب مقامي توڙي غير مقامي آبادي ۾ تفريحي مقام جي حوالي سان اهميت جي حامل آهي بدقسمتي هي آهي ته سرڪاري طور خصوصي توجهه نه ڏيڻ سبب ايشيا جي بهترين ڍنڍن مان منفرد هي ڍنڍ ماڻهن کي خصوصن عورتن جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن انتهائي مايوسي جو مقام ثابت ٿئي ٿي، مثال طور عورتن لاءِ الڳ تفريحي سائيڊس گرين بيلٽس، پارڪ، عورتن جي تحفظ لاءِ ليڊي پوليس جي سهولت، صفائي سٿرائي ناهي. عام راءِ اها آهي ته سياحت کاتو هر سال ٽيڪس جي مد ۾ لکين رپيا آمدني حاصل ڪري ٿو پر سياحت جي ترقي لاءِ ڪي به خاص اپاءُ نه ورتا آهن ۽ ڪينجهر ڍنڍ تي سياحن لاءِ ڪي به سهوليتن ميسر ناهن، ڍنڍ جي ڪنارن تي صفائي نه هجڻ ۽ پڪنڪ پوائنٽ قائم نه ٿيڻ ڪري ماحولياتي گڌلاڻ سبب ڍنڍ جي قدرتي سونهن پڻ اجڙي وئي آهي، ان ڪري پبلڪ پرائيويٽ سيڪٽر جي سهڪار سان ئي اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ ڪاوش سان ڳالهائيندي ملير ڪراچي کان آيل هڪ فيملي جي عورت فرزانه جو چوڻ هو ته ڪينجهر اسان عورتن لاءِ ڪراچي جي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول کان وقتي طور تي نجات ۽ ذهني آسودگي لاءِ بهترين جڳهه آهي، جتي قدرتي ماحول، سرسبز علائقو ۽ پرفضا هوائون آهن جنهن مان شهري پيڙائن کان تنگ ماڻهو ڪجهه دير لاءِ آڪسيجن ته حاصل ڪن ٿا پر هتي عورتن لاءِ خاص طور تي ڪابه سهوليت مهيا ناهي ڪئي وئي. ڪراچي گلشن جي رهواسڻ فريده ٻڌايو ته هتي جيڪڏهن عورتن جي لاءِ مذڪوره گهرجن جو پورائو ڪيو وڃي جنهن ۾ عورتن لاءِ ڌار باٿ روس جي سهوليت، صاف سٿرو ماحول، پارڪ ۽ جهولا وغيره هجن ته هن کان به وڌيڪ عورتن جو انگ هتي اچڻ پسند ڪندو. ڪراچي جي بغدادي واري علائق جي بلوچ عورت زليخه ٻڌايو ته غريب ماڻهن لاءِ سمورو هفتو ڪراچي ۾ پورهيو ڪرڻ بعد وقتي خوشيون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪينجهر کان بهتر جڳهه ٻي ڪانهي پر هتي عورتن لاءِ خاص طور تي ڪا به سهولت ناهي، حيدرآباد لطيف آباد يونٽ نمبر 5 جي رهواسڻ جميلا ٻڌايو ته اسين باقاعدگي سان پنهنجي ٻارن سان ڪينجهر ڍنڍ تي تفريح لاءِ اچون ٿا ۽ هتي گهمندي تمام گهڻو مزو اچي ٿو، جڏهن ته ڪينجهر ڍنڍ جي وچ تي قائم نوريءَ جي مزار ۽ نوريءَ جو مرشد شاهه هونڌڙو جي مزارن جي حالت به سرڪار جي بي ڌياني جو شڪار ٿي ويئي آهي جتي ڪي به سياحتي سهولتون موجود ناهن، نوريءَ جي مزار تي سکان کڻي ايندڙ خاص ڪري عورتن کي نوري جي مزار تي پهچڻ لاءِ سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. مزار وٽ ٻيڙي مان لهڻ بعد مٿي چڙهڻ لاءِ ڪا ڏاڪڻ وغيره به ناهي، جنهن ڪري اتان هيٺ ڍنڍ ۾ ڪري پوڻ جو امڪان به موجود هجي ٿو، جڏهن ته مزار جي حالت به انتهائي خراب ٿي وئي آهي، جنهن جي نئين سر مرمت ڪرائڻ سميت ٻيو ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي ضرورت آهي.